جمن شاهه شهيد جو ميلو

جمن شاهه شهيد جو ميلو: هيءُ ميلو ميرپورخاص شهر کان ڪجهه مفاصلي تي قائم ڳوٺ مير غلام علي ٽالپر ۾ تاريخ 14،15،16 ذوالحج تي وڏي ڌام ڌوم سان لڳي ٿو. هن ۾ ڪيئي ناميارا پهلوان حصو وٺندا آهن. هن ميلي ۾ کٽڻ واري پهلوان کي خاص انعام ڏنو ويندو آهي. تنهن کانسواءِ گهوڙن جو ميل، ڍڳن جو ميل ۽ ٿيئٽر به ٿيندو آهي ۽ مفت فلم شو به ٿيندو آهي. ان کان علاوه ميلي ۾ راڳ ۽ محفل جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي. هن ميلي کي ڏسڻ لاءِ گهڻا شائقين ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو